نيپرا ڪراچي ۾ بدترين لوڊشيڊنگ تي عوامي ٻڌڻي مڪمل ڪري ورتي

اسلام آباد : نيپرا ڪراچي ۾ بدترين لوڊشيڊنگ تي عوامي ٻڌڻي مڪمل ڪري ورتي، نيپرا چيئرمين طرفان شهرين جي شڪايتن ۽ ڪراچي جو دورو ڪري حقيقتن جو جائزو وٺڻ بعد فيصلو ڪرڻ جو اعلان، ڪي اليڪٽرڪ هڪ ڀيرو ٻيهر فرنس آئيل ۽ گئس جي کوٽ کي ڪراچي ۾ بدترين لوڊشيڊنگ جو ڪارڻ قرار ڏئي ڇڏيو، ڪي اليڪٽرڪ جي سي اي او مونس علوي چيو آهي ته هن وقت نيشنل گرڊ مان 730 ميگاواٽ بجلي ملي رهي آهي، اُن کان وڌيڪ بجلي ملي ته سسٽم ۾ خرابي ٿي سگهي ٿي، ڪي اليڪٽرڪ جو ڪوبه ڏوهه ناهي، نيپرا چيئرمين توصيف ايڇ فاروقي ڪي اليڪٽرڪ کان بجلي جي پيداوار ۽ ورڇ جا تفصيل طلب ڪندي چيو آهي ته ڪورونا سبب هوٽل، اسڪولز ۽ شادي هالز بند آهن، اهڙي صورتحال ۾ ته اضافي بجلي هجڻ گهرجي، ٻڌايو وڃي ته 11 مهينن ۾ گرڊ اسٽيشنز کي اپ گريڊ ڇو نه ڪيو ويو؟ اين ٽي ڊي سي مان فون اچڻ کانپوءِ ڪي اليڪٽرڪ جو سي اي او ٻڌڻي اڌ مان ڇڏي هليو ويو، نيپرا چيئرمين ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اسان به کوڙ سارا ڪم ڇڏي ٻڌڻي ڪري رهيا آهيون، ڪي اليڪٽرڪ وارا هر غلطي ريگيوليٽري اٿارٽي مان ڇو مڙهيندا آهن..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔