خواب ڏسڻ ڪڏهن به نه ڇڏيو, ڪامياب انسان لاءِ خواب سندس ڪاميابي لاءِ پهريون قدم آهن: يمنا زيدي

لاهور: اداڪاره يمنا زيدي جو چوڻ آهي ته خواب ڏسڻ ڪڏهن به نه ڇڏيو ڇو ته هڪ ڪامياب انسان لاءِ ، خواب سندس ڪاميابي لاءِ پهريون قدم آهن.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي هڪ وڊيو بيان ۾ هن جي هٿ ۾ پلي ڪارڊ آهن ۽ انهن جي ذريعي هو پنهنجي مداحن کي ڊراما انڊسٽري ۾ ڪيريئر شروع ڪرڻ بابت ڪجهه اهم معلومات ڏئي رهي آهي.
يمنا زيدي پلي ڪارڊز تي لکيو ته اڄ مان توهان سڀني کي ٻڌائڻ چاهيان ٿي ته آئون ننڍپڻ ۾ هڪ اهڙي ڇوڪري هئس جنهن وٽ اعتماد جي تمام گهڻي گهٽتائي هئي.
اداڪار چيو مون هميشه پنهنجي ٽيليويزن تي پنهنجو ٽيلينٽ ڏيکارڻ جي خواهش ڪئي آهي ۽ پنهنجو خواب پورو ڪرڻ لاءِ مون ڪيترائي آڊيشن ڏنا جنهن ۾ آئون ناڪام ويس پر مايوس نه ٿيس

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔