سام سنگ جي نئين ڊيوائيس فونز چارج ڪرڻ سان گڏوگڏ يو وي ريڊي ايشن سان جيوڙن کان به پاڪ ڪندي

ڪراچي: طبي ماهرن دريافت ڪيو آهي ته هڪ سمارٽ فون ۾ ڪنهن ٽوائليٽ کان به وڌيڪ جيوڙا ٿي سگهن ٿا ۽ ڪورونا وائرس به ڊيوائيس تي ڊگهي وقت تائين جيئرو رهي سگهي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو سام سنگ هڪ اهڙي پورٽ ايبل ڊيوائيس متعارف ڪرائي آهي جيڪا فونز کي چارج ڪرڻ سان گڏوگڏ يو وي ريڊي ايشن سان جيوڙن کان به پاڪ ڪندي. اصل ۾ فونز کانسواءِ سمارٽ واچز، ايئر فونز ۽ چشمن کي به هي ڊيوائيس جيوڙن کان پاڪ ڪندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔