ممبئي: تامل اداڪار روي موهن طلاق جو معاملو حتمي طور تي حل ٿيڻ تائين فلمن کان پري رهڻ جي اعلان کانپوءِ هاڻي ٻيهر اداڪاري جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.پنهنجي گهر واري آرتي روي کان علحدگي ۽ ان کانپوءِ گلوڪاره ويلر ڪنيشا فرانسس سان بريڪ اپ جي ڪري خبرن ۾ رهندڙ روي موهن جو هڪ بيان ۾ چوڻ هو ته هن فلمي دنيا کان وقفي جو فيصلو جذبات ۾ وهي ڪري ڪيو هو. اداڪار پنهنجي مداحن سميت فلمي برادري کان معذرت ڪندي چيو ته هو هاڻي پاڻ کي سينيما کان پري نه رکندو، پنهنجي اڌ زندگي سينيما کي ڏني آهي ۽ پنهنجي گذريل اعلان سان مداحن جو دل ڏکائڻ تي افسوس آهي.هن چيو ته مان هن سال 46 ورهين جو ٿي رهيو آهيان، جيڪڏهن ان جو اڌ ڪجي ته 23 سال ٿين ٿا، يعني منهنجي اڌ زندگي سينيما ۾ گذري آهي، اهو انتهائي افسوسناڪ آهي ته منهنجي هڪ ننڍڙي غلطي توهان سڀني کي ايترو ڏک پهچايو.روي موهن جو وڌيڪ چوڻ هو ته انڊسٽري جي ماڻهن پاران ملندڙ حمايت کانپوءِ هن پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪئي آهي.
تبصرے بند ہیں۔