سنڌ ۾ چوماسي جَي پهرين وسڪاري ڪي اليڪٽرڪ ۽ حيسڪو جي دعوائن کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو

ڪراچي : سنڌ ۾ چوماسي جَي پهرين وسڪاري ڪي اليڪٽرڪ ۽ حيسڪو جي دعوائن کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو، برسات بعد مختلف شهرن ۾ بجلي جي بدترين لوڊشيڊنگ: ڪراچي ۾ 15ڪلاڪن کان بجلي بند هئڻ سبب شهر جا اڪثر علائقا اوندهه ۾ ٻڏل، حيدرآباد، ميرپور خاص سميت ٻين شهرن ۾ به بجلي بند ٿي وئي، دادو ۾ 12 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ ۽ ڳرا بل موڪلڻ خلاف شهري رستن تي نڪري آيا، هٿن ۾ بئنر ۽ پلي ڪارڊ کڻي سب ڊويزن ون جَي ايس او ڊي خلاف نعريبازي ڪئي وئي، حيدرآباد جَي ڪيترن ئي علائقن ۾ 14 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ خلاف رهواسي سراپا احتجاج بڻجي ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔