ڪراچي: پاڪستاني اداڪار آغا علي چيو آهي ته هو جڏهن به شادي ڪندو ته ان جو اعلان فخر سان ڪندو. پاڪستاني شوبز انڊسٽري سان تعلق رکندڙ اداڪار آغا علي پنهنجي شادي بابت ڳالهايو آهي. تازو ئي آغا علي هڪ نجي ٽي وي کي انٽرويو ڏنو جتي هن انڊسٽري ۽ ذاتي زندگي سميت مختلف موضوعن تي گفتگو ڪئي. ميزبان اداڪار کان سوشل ميڊيا تي پنهنجي ذاتي زندگي شيئر ڪرڻ بابت سوال ڪيو، جنهن جي جواب ۾ آغا علي چيو ته “مان ڪنهن سان پنهنجي لاڳاپي (تعلق) کي منظرعام تي آڻڻ جي حق ۾ ناهيان، ڇاڪاڻ ته ان لاڳاپي ۾ توهان اڪيلا ناهيو هوندا، ٻيو ماڻهو به شامل هوندو آهي.” هن چيو ته مان نٿو سمجهان ته شادي کان اڳ اهڙيون ڳالهيون ظاهر ڪرڻ گهرجن، جڏهن به منهنجي شادي ٿيندي مان ان جو فخر سان اعلان ضرور ڪندس. اداڪار پنهنجي تعلق کي راز ۾ رکڻ جو سبب ٻڌائيندي وڌيڪ چيو ته ريليشن شپ (لاڳاپي) جي ڪا گارنٽي ناهي هوندي، خبر ناهي مستقبل ۾ اهو تعلق هلي سگهي يا نه. جهڙي ريت وقت گذري رهيو آهي ماڻهن جي مايوسي وڌي رهي آهي، دنيا ۾ بيروزگاري وڌندي پئي وڃي ۽ هاڻي ماڻهن کي هڪ ذريعو ملي ويو آهي؛ سوشل ميڊيا تي ويهي بڪواس ڪندا ته پئسا ملي ويندا ۽ اها سوچ هاڻي هلندي پئي وڃي. واضح رهي ته اداڪار آغا علي ۽ اداڪاره حنا الطاف جي شادي 2020 ۾ ٿي هئي جيڪا رڳو 4 سال هلي سگهي.
تبصرے بند ہیں۔