وزيراعظم جي صدارت هيٺ اهم اجلاس، ٽنهين هٿياربند فوجن جي سربراهن جي شرڪت

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ سڪيورٽي جي صورتحال تي اهم اجلاس ٿيو ، جنهن ۾ ٽنهين هٿياربند فوجن جي سربراهن شرڪت ڪئي .

جاري ڪيل پڌرائي موجب اجلاس ۾بچاءَ واري وزير پرويز خٽڪ ، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف جنرل نديم رضا ، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، نيول چيف ايڊمرل ظفر محمود عباسي، ائير چيف مجاهد انور خان، ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي

جاري ڪيل پڌرائي موجب اجلاس ۾ ملڪ جي اندروني ۽ ٻاهرين صورتحال تي غور ڪيو ويو .اجلاس ۾ شريڪ عملدارن جو چوڻ هو ته پاڪستان پنهنجي پاڙيسرين سان پرامن طريقي سان رهڻ چاهي ٿو ۽ اسان پنهنجي وطن جو دفاع ڪرڻ جي صلاحيت رکون ٿا.

پڌرائي موجب اجلاس ۾ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج پاران انساني حقن جي خلاف ورزين تي به ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي.

پڌرائي ۾ چيو ويو ته اجلاس ۾ عالمي برادري کان والاريل ڪشمير ۾ ٿيندڙ ظلمن جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو .

وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج حملي ۾ شهيد ٿيل سڪيورٽي اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔