سنڌ جي وڏي وزير پاران ڪورونا فرنٽ لائين ورڪرز لاءِ هيلٿ الائونس جي منظوري

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا فرنٽ لائين ورڪرز جي لاءِ هيلٿ الائونس جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي

ذريعن موجب سنڌ حڪومت گريڊ هڪ کان سورهن لاءِ 17 هزار رپين جي هيلٿ الائونس جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جڏهن ته گريڊ 17 ۽ ان کان مٿان جي لاءِ 35000 رپين جي الائونس جي منظوري ڏني وئي آهي .

ذريعن جو اهو چوڻ آهي ته پوسٽ گريجوئيٽس جي لاءِ 15 هزار، هائوس آفيسر لاءِ 10 هزار ۽ نرسنگ اسٽوڊنٽس جي لاءِ 15 هزار رپين جي هيلٿ الائونس جي منظوري ڏني وئي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔