حڪومت پاران لاڪ ڊائون دوران بجلي مهانگي ڪرڻ جي منظوري

وفاقي حڪومت پيٽرول کانپوءِ ڪراچي جي عوام لاءِ بجلي به مهانگي ڪري ڇڏي. حڪومت ڪي اليڪٽرڪ جي واهپيدارن جي لاءِ بجلي 2 رپيا 89 پيسا مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

اها منظوري ناڻي واري صلاحڪار حفيظ شيخ جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڏني وئي ، جنهن جي پڌرائي ۾ چيو ويو ته بجلي اگهن ۾ واڌ ٽه ماهي ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ هوندي ۽ اگهن ۾ واڌ پهرين جولاءِ کان ئي لاڳو هوندي.

هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي صورتحال جي ڪري  لاڪ ڊائون لڳل آهي ۽ هر پاسي ماڻهو بک ۽ بيروزگاري کي منهن ڏئي رهيا آهن ، ان وقت وفاقي حڪومت جو اهو فيصلو ڪراچي جي عوام لاءِ نه رڳو ڳرو پر برداشت نه ڪرڻ جهڙو آهي.

عوام اڳ ۾ ئي ڪورونا سبب روزگار سميت بجلي جي اعلانيل ۽ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جي عذاب مان ئي واندو ناهي ٿيو. آئي ڏينهن هر علائقي ۾گهٽ ۾ گهٽ 6 ۽ وڌ ۾ وڌ 18 ڪلاڪ بجلي غائب رهي ٿي .

ڪراچي جي عوام کي ته واڌو بلن جي عذاب کان ئي اڃان نجات نه ملي سگهي هئي ته وري وفاق پاران پيٽرول کانپوءِ بجلي جي اگهن ۾ اڻ مندائتو اضافو ڪري ڄڻ انهن جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ جو ڪم ڪيو ويو آهي.

بجلي جي اگهن ۾اهڙِي اضافي سان نه رڳو پورهيت ۽ غريب طبقو پريشان آهي پر ڪاروباري ماڻهو به لاڪ ڊائون ۾ ڪاروبار نه هجڻ ڪري بجلي جي اگهن ۾ اضافي تي خوش نه پيا ڏسجن .

حڪومت کي ملڪ جي موجوده صورتحال کي سامهون رکندي بجلي جي اگهن ۾ اهڙيءَ ريت اضافي جي منظوري ڏيڻ واري پنهنجي فيصلي تي ٿوري نظرثاني ڪري عوام کي رليف ڏيڻ گهرجي  

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔