ڪشمير جي آزادي جو خواب پاڻ سان گڏ کڻي ويندڙ اڳواڻ سيد علي گيلاني !

     ”ڀارت اسان جي رستن تي سون به وڇائي ڇڏي ،اسان پوءِ به ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ تان هٿ نه کڻنداسين ، ”پنهنجي خطابن ۾ کلي طرح ڀارت کان بيزاري ڏيکاريندڙ ۽ پاڪستان سان محبت جو اظهار ڪندڙ حريت اڳواڻ سيد علي گيلاني ڪشمير جي آزادي جو خواب پورو ٿيندي نه ڏسي سگهيو ، گذريل رات ڀارتي سري نگر جي علائقي حيدر پوره ۾نظربندي دوران لاڏاڻو ڪري ويو.

سيد علي گيلاني هڪ ڊگهي عرصي کان بيمار هو ، لاڏاڻي وقت سندس عمر 92 سال هئي. هن ڪشمير کي ڀارت جي ناپاڪ چنبي مان آزاد ڪرائڻ لاءِ اڌ صدي کان به وڌيڪ عرصي کا جدوجهد ڪئي .ڍ

هن ”اسان پاڪستاني آهيون، پاڪستان اسان جو آهي“ جو نعرو لڳائي ڀارت ۽ ان جي ڊڄڻي فوج جون ننڊوون حرام ڪري ڇڏيون هيون، اهو ئي سبب آهي جو ڀارت جهڙِي ائٽمي طاقت سيد علي گيلاني جي موت کان به خوفزده آهي.

ڀارت ان خوف ۾ به مبتلا هو ته سندس جنازي نماز ۾ لکين ماڻهو شريڪ ٿي ويندا ، اهو ئي سبب آهي جو ڀارتي عملدارن تمام گهڻي سڪيورٽي ۾ انهن جي ميت کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي  زبردستي انهن کي دفنائي ڇڏيو آهي . ڀارتي خوف جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته رڳو ڪجهه ويجهن عزيزن ۽ مائٽن کي ئي انهن جي تدفين ۾ شرڪت  جي اجازت ڏني وئي هئي .

سيد علي گيلاني ڪير هو ؟ سندس مختصر تعارف:

سيد علي گيلاني 29 سيپٽمبر 1929 ع تي اتر ڪشمير جي ضلعي بانڊي پوره ۾ پيدا ٿيو ۽ 1950 ۾ سندس والدين پاڙيسري ضلعي باره مولا جي ڳوٺ سوپور ڏانهن لڏي آيا.

سيد علي گيلاني اورينٽيل ڪاليج لاهور مان اديب ، عالم ۽ ڪشمير يونيورسٽي جي اديب فاضل ۽ منشي فاضل جون ڊگريون ورتيون .

1949 ۾ هو استاد مقرر ٿيو ۽ استعيفيٰ ڏيڻ کان اڳ 12 سالن تائين هو ڪشمير جي مختلف اسڪولن ۾ پڙهائيندو رهيو.

1953 ع ۾ هو جماعت اسلامي جو ميمبر ٿيو، هو پهريون ڀيرو 28 آگسٽ 1962 تي گرفتار ٿيو ۽ 13 مهينن کان پوءِ جيل مان آزاد ٿيو.

مجموعي طور تي هن پنهنجي زندگي جا 14 سالن کان وڌيڪ عرصو جمون ۽ ڪشمير ۽ ڀارت جي مختلف جيلن ۾ گذاريو جڏهن ته گذريل هڪ ڏهاڪي کان وڌيڪ هو پنهنجي گهر ۾ نظر بند هو.

علي گيلاني ڪشمير ۾ 15 سال تائين اسمبلي جو ميمبر رهيو، هو اسمبلي لاءِ 3 ڀيرا 1972، 1977 ۽ 1987 ۾ سوپور جي تڪ تان جماعت اسلامي جي مينڊيٽ تي چونڊجي آيو،هن 30 آگسٽ 1989 تي اسيمبلي جي ميمبر شپ تان استعيفيٰ ڏني.

سيد علي گيلاني جماعت اسلامي ۾ مختلف منصبن تي فائز رهيو، جن ۾ ضلعي جو امير، اذان جو ايڊيٽر،جماعت اسلامي جي وقتي امير طور ذميواريون نڀايون ، هو 30 ڪتابن جو مصنف به هو .جماعت اسلامي کانپوءِ سيد علي گيلاني حريت تحريڪ ۾ شامل ٿيو، هن ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مزاهمتي حامي پارٽين جي هڪ پارٽي ”ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس“ جي هڪ ڌڙِي جي چيئرمين جي حيثيت سان به ذميواريون نڀايون ، پر گذريل سال جون ۾ هن ان فورم کان مڪمل طور تي عليحدگي جو اعلان ڪيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔