ڪورونا وبا وڌيڪ اوڻانوي مريضن کان حياتيون کسي ورتيون، چار هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد: ڪورونا وائرس وگهي 89 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 25 هزار 978 ٿي وئي.

پاڪستان ۾ ڪورونا جي تصديق ٿيل ڪيسز جو انگ 11 لک 67 هزار 791 ٿي ويو آهي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 4 هزار 103 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا. پنجاب ۾ 3 لک 96 هزار 326، سنڌ ۾ 4 لک 33 هزار 931، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 63 هزار 10، بلوچستان ۾ 32 هزار 282، گلگت بلتستان ۾ 9 هزار 952، اسلام آباد ۾ 99 هزار910 جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 32 هزار 282 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن.

سموري ملڪ ۾ هينئر تائين هڪ ڪروڙ 78 لک 71 هزار 620 مريضن جا ٽيسٽ ڪيا ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 61 هزار 651 نوان ٽيسٽ ڪيا ويا. هينئر تائين 10 لک 48 هزار 872 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. جڏهن ته 4 هزار 717 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

پاڪستان ۾ ڪورونا وگهي هڪ ڏينهن دوران 89 مريض فوت ٿي ويا آهن جنهن کان پوءِ وائرس وگهي فوت ٿي ويلن جو گڏيل انگ 25 هزار 978 ٿي ويو آهي. پنجاب ۾ 11 هزار 959، سنڌ ۾ 6 هزار 924، خيبرپختونخواهه ۾ 5 هزار 15، اسلام آباد ۾ 866، بلوچستان ۾ 339، گلگت بلتستان ۾ 173 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 702 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔