سيد علي گيلاني جو لاڏاڻو، آزاد ڪشمير ۾ 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان

ڪراچي: آزاد ڪشمير حڪومت سينيئر ڪشميري حريت اڳواڻ سيد علي گيلاني جي لاڏاڻي تي وادي ۾ 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي.

وزيراعظم آزاد ڪشمير جي ترجمان جو چوڻ آهي ته سيد علي گيلاني جي وفات تي هڪ ڏينهن عام موڪل هوندي ۽ آزاد ڪشمير جي سمورن ضلعي هيڊ ڪوارٽرز ۾ سيد علي گيلاني جي غائبانه نماز جنازه ادا ڪئي ويندي.

آزاد ڪشمير جي وزيراعظم عبدالقيوم نيازي سيد علي گيلاني جي وفات تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته علي گيلاني جي وفات جو ٻڌي دل ڏکي پهتو.

هن چيوآهي ته سيد علي گيلاني تحريڪ آزادي ڪشمير جو روح روان هو، هن ڀارتي ظلم ۽ جبر جو دليري سان مقابلو ڪيو، هن جون قربانيون ضايع نه ٿينديون.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن وزيراعظم عمران خان به سيد علي گيلاني جي وفات تي ڏک جو اظهار ڪندي هڪ ڏينهن سوڳ ۽ جهنڊو جهڪيل رکڻ جو اعلان ڪيو هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔