سڄي دنيا ۾ڪورونا جا قهر جاري، وڌيڪ 4 هزار 924 ماڻهو فوت

ڪراچي : سڄي دنيا ۾ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 4 هزار 924 ماڻهو فوت ٿي ويا، جڏهن ته هڪ لک 92 هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. سموري دنيا ۾ڪورونا وائرس وگهي فوتگين جو انگ 5 لک 28 هزار 166 ٿي ويو آهي، جڏهن ته متاثرن جو مجموعي تعداد هڪ ڪروڙ، 11 لک 65 هزار کان به وڌيڪ آهي. برازيل ۾ڪورونا وائرس وگهي وڌڪ هڪ هزار 184 ماڻهو فوت ٿي ويا، جنهن بعد فوتين جو انگ 63 هزار 174 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 15 لک 39 هزار کان وڌيڪ ماڻهو وائرس جو شڪار آهن. ميڪسيڪو ۾ڪورونا وائرس 679 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، جنهن بعد فوتگين جو انگ 29 هزار 189 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 2 لک 38 هزار کان وڌيڪ ماڻهو بيمار آهن. امريڪا ۾ڪورونا وڌيڪ 552 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، جنهن بعد فوتگين جو انگ هڪ لک 32 هزار کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته متاثرن جو تعداد 28 لک 84 هزار کان وڌيڪ آهي. ڀارت ۾ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 444 ماڻهو فوت ٿي ويا، جڏهن ته 6 لک 49 هزار کان وڌيڪ ماڻهو وائرس جو شڪار آهن. اٽلي ۾ڪورونا وائرس وڌيڪ 15 ماڻهن کي موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيو، جنهن بعد فوتين جو انگ 34 هزار 833 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 2 لک 41 هزارکان وڌيڪ ماڻهو بيماري ۾ورتل آهن. ڪورونا وائرس ايران ۾154، ڪئنيڊا ۾21، روس ۾176، بنگلاديش 42 ماڻهن کان حاتيون کسي ورتيون آهن. سموري دنيا ۾ڪورونا مريضن جي فوتگين بعد فوتين جو انگ 5 لک 28 هزار کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته 62 لک 32 هزار کان وڌيڪ ماڻهو وائرس کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔