ڪراچي واسين سان ڪي اليڪٽرڪ جا ڪلور جاري ،سخت گرمي ۾ مختلف علائقن جي بجلي بند

ڪراچي:ڪراچي واسين سان ڪي اليڪٽرڪ جا ڪلور جاري آهن، سخت گرمي ۾مختلف علائقن جي بجلي بند ٿيڻ ڪري شهري تڪليفن جو شڪار آهن. رات ٿيندي ئي گلشن اقبال، گارڊن، لياري، صدر، لياقت آباد، ڪورنگي، ملير، قائد آباد ۽ ٻين علائقن جي بجلي بند ٿي وئي. گلبهار، ناظم آباد، گرومندر، گلشن جمال، گلستان جوهر ڊالميا ۽ ٻين علائقن ۾بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري آهي. سخت گرمي ۾بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ سبب رهواسي تڪليفن جو شڪار آهن، گهرن ۾رهڻ ڏکيو ٿي ويو آهي. ڪي اليڪٽرڪ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو وقت 6 ڪلاڪن کان 15 ڪلاڪن تائين وڌائي ڇڏيو آهي. بجلي بندش سبب گهرن تائين محدود ٿيل شهرين جي زندگي عذاب بڻجي وئي آهي، شهرين اختيارين کان لوڊشيڊنگ ختم ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔