ڪرتارپور راهداري کي اڄ چئن مهينن کان پوءِ ٻيهر کوليو ويندو

اسلام آباد: سک مهاراجه رنجيت سنگهه جي ورسي جي لاءِ ساڍن 3 مهينن کان پوءِ ڪرتارپور راهداري کي اڄ ٻيهر کوليو ويندو جنهن جون سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. بيڊ گرنتهي دربار ڪرتارپور سردار گوبند سنگهه موجب دربار بابا گرو نانگ ڪرتارپور ۾ سک مهاراجه رنجيت سنگهه جي ورسي جي تقريب ساڍي 12 وڳي شروع ٿيندي پر لاڪ ڊائون سبب ڪرتارپور گوردواره ۾ داخلا بند ڪيو ويو آهي.سردار گوبند سنگهه جو چوڻ آهي ته 4 مهينن کان پوءِ دربار ۽ ڪرتارپور راهداري کولڻ تي سموري سک قوم تمام گهڻو خوش آهي. هن ٻڌايو ته ورسي ۾ پاڪستان سميت سڄي دنيا مان آيل سک ياتري دعائيه تقريب ۾ شرڪت ڪندا. جڏهن ته ڀارت سرڪار به سک ياترين کي ڪرتارپور اچڻ جي اجازت ڏئي.واضح رهي ته وزيراعظم عمران خان گذريل سال 9 نومبر تي ڪرتاپور راهداري جو افتتاح ڪيو هو. پر ڪورونا وائرس جي وبا پکڙجڻ کان روڪڻ جي لاءِ ڪرتارپور راهداري تي سک زائرين جي اچ وڃ روڪي وئي هئي.ٻئي طرف پاڪستان پنهنجي طرفان 29 جون تي ڪرتارپور راهداري کولڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ ان حوالي سان ڀارت کي به آگاهه ڪيو ويو هو پر هاڻ ڀارت ڪرتارپور راهداري کولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔