وزيراعظم اساما بن لادن کي شهيد قرار ڏئي ٿو پر بينظير ڀٽو کي شهيد نٿو چئي سگهي: بلاول ڀٽو

اسلام آباد: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته وزيراعظم معيشت کي تباهه ڪرڻ جو اعتراف ڪري ۽ معافي گهري هن ملڪ جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران خيالن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سڄي پاڪستان کي نظر اچي رهيو آهي ته وزيراعظم جي لاءِ 2 آپشن آهن، وزيراعظم معافي گهري ته هن ملڪ جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو.وزيراعظم معيشت تباهه ڪرڻ جو اعتراف ڪري يا ته وزيراعظم سڀني کي گڏ کڻي ملڪ جي بهتري لاءِ ڪم ڪري ۽ ٻيو آپشن اهو آهي ته استعيفيٰ ڏئي گهر وڃي ۽ ڪنهن ٻئي قابل ماڻهو کي اچڻ ڏي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بجيٽ پاس ٿيڻ کان اڳ ئي عوام تي پيٽرول بم ڪيرايو ويو هي واپس پنهنجي حلقن ۾ ڪيئن ويندا ۽ عوام کي ڪهڙو منهن ڏيکاريندا.جهاز حادثي بابت بلاول ڀٽو چيو ته پائلٽ ۽ سول ايوي ايشن جي عالمي سطح تي ڪردار ڪشي ڪئي وئي پي آءِ اي جهاز حادثي تي حڪومتي رد عمل شرمناڪ آهي پنهنجي غلطين کي لڪائڻ جي لاءِ شهيد پائلٽ تي ذميواري وڌي وئي.پائلٽ کي ڪورونا جي دوران زبردستي جهاز تي چاڙهيو ويو. جهاز حادثي جي آڙ ۾ سول ايوي ايشن ۽ پي آءِ اي جي نجڪاري جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. جنهن وزير تي پنهنجي ڊگري جعلي هجڻ جو الزام آهي اهو پائيلٽس جون ڊگريون جعلي ڪيئن قرار ڏئي سگهي ٿو.بلاول چيو ته ماڻهن کي بيروزگار ڪرڻ ڪهڙي قسم جو ريليف آهي. پگهارن ۽ پينشن ۾ واڌ نه ڪرڻ ظلم ئي هوندو آهي هي نالائق ۽ نااهل آهن ڪم نٿا ڪري سگهن. وزيراعظم کي درخواست ڪريون ٿا ته نوٽيس وٺڻ ڇڏي ڏي اٽو، دوائون، پيٽرول کنڊ جو نوٽيس ورتو ويو ان جو نتيجو ڪهڙو نڪتو بهتر ٿيندو ته وزيراعظم پاڻ کي قرنطينه ڪري ڇڏي ۽ ڪوبه ڪم نه ڪري.بجيٽ بابت بلاول چيو ته هي بجيٽ نه ڪورونا جي خلاف بهتر آهي ۽ نه ئي زراعت جي حفاظت جي لاءِ. هنن ٽيڪس وڌائي عوام جي کيسي تي ڌاڙو هنيو آهي. جڏهن اسان بري ٿينداسين ته هي جيل ۾ هوندا. مسلم ليگ(ن) ۽ موجوده حڪومت اسان کان معافي گهري. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وزيراعظم اسامه بن لادن کي شهيد قرار ڏئي ڇڏيو هي وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو کي شهيد نٿو چوي پر اسامه بن لادن کي شهيد چوي ٿو. قومي اسيمبلي جو ايوان بلاول ڀٽو جي خيالن جي اظهار کان پوءِ بدنظمي جو شڪار ٿي ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔