ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ 10 کان 12 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري

ڪراچي: ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ 10 کان 12 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ جاري آهي جڏهن ته ڪي اليڪٽرڪ جي ترجمان بجلي جي پيداوار ۾ اضافي جي دعويٰ ڪري ڇڏي آهي.

ڪراچي ۾ گرمي جي موسم جي شدت ۾ گهٽتائي جي باوجود بجلي جو بحران ختم ٿيڻ جو نالو ئي نٿو وٺي. ڊگهي ۽ غير اعلانيل بجلي جي بندش شهرين جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو شاهه فيصل ڪالوني، ڪورنگي، محمود آباد، لياقت آباد، گلشن اقبال، گلستان جوهر، نارٿ ڪراچي، فيڊرل بي ايريا، سرجاني ٽائون ۽ اولڊ سٽي ايريا سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ 8 کان 10 ڪلاڪ جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي.

ڊگهي ۽ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ سبب مختلف علائقن ۾ احتجاج جو سلسلو به جاري آهي. جڏهن ته لياري ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ ستايل علائقي جا رهواسي روڊن تي نڪري آيا. ٻئي طرف ڪي اليڪٽرڪ جي ترجمان جو چوڻ آهي تيل جي فراهمي ۾ بهتري سبب بجلي جي پيداوار ۾  واڌ ٿي آهي جنهن کان پوءِ لوڊ مينجمينٽ جو سلسلو لاڳاپيل علائقن ۾ ختم ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔