حملي جو مقصد سيڙپڪارن ۾ خوف پيدا ڪرڻ هو، ڊي جي رينجرز

ڪراچي: ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملي جو مقصد ملڪي معيشت کي نقصان پهچائڻ ۽ سيڙپڪارن ۾ خوف پيدا ڪرڻ هو، ڊي جي رينجرز سنڌ عمر بخاري چيو آهي ته دهشتگرد عمارت ۾ رتوڇاڻ ڪرڻ ۽ شهرين کي يرغمال بڻائڻ جي مقصد سان آيا هئا، دهشتگرد هڪ ڪار ۾ سوار ٿي آيا ۽ وٽن وڏي تعداد ۾ هٿيارن سوڌو کاڌي پيتي جو سامان به موجود هو، آءِ اي جي ڪراچي سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران ڊي جي رينجرز چيو ته فورسز جي بهادري توڙي وقت سر ڪارروائي جي نتيجي ۾ دهشتگرد موقعي تي ئي مارجي ويا، ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملي وقت عمارت ۾ عملي سوڌو هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهو موجود هئا، اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملو ناڪام بڻائي ڇڏيو، دهشتگردن کي عمارت اندر داخل ٿيڻ نه ڏنو، پوليس ۽ رينجرز دهشتگردن کي گيٽ تائين محدود رکيو، 8 منٽن اندر دهشتگردن کي ماريو ويو، ڊي جي رينجرز جو چوڻ هو ته 25 منٽن ۾ عمارت کي ڪليئر ڪرايو ويو، دهشتگردن وٽ وڏا ڳرا هٿيار هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔