بونير: پير بابا ۾ برسات کان پوءِ ايندڙ ٻوڏ وهڪرن تباهي مچائي ڇڏي، نالن نالن ۾ چاڙهه اچڻ کان پوءِ پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو، لڏ پلاڻ جي لاءِ مسجدن مان اعلان به ڪيا ويا.
برسات کان پوءِ مقامي ماڻهن جي محفوظ هنڌن ڏانهن لڏ پلاڻ جاري آهي، انتظاميه ريسڪيو ٽيمون روانيون ڪري ڇڏيون. ندي نالن ۾ چاڙهه سبب رابطي جا روڊ به سخت متاثر ٿيا آهن جڏهن ته تيار ٿيل فصلن ۽ باغن کي به نقصان پهتو آهي.
ڊپٽي ڪمشنر بونير ڪاشف قيوم ٻڌايو ته مسلسل برسات سبب ضلعي بونير ۾ هاءِ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي. مسلسل برسات سبب ٻوڏ جو خطرو وڌيڪ آهي. هن چيو ته بٽني ۽ قدر نگر ۾ پاڻي جي سطح بلند آهي، پاڻي تيزي سان بير بابا طرف وڌي رهيو آهي، پاڻي مرڪزي بازار جي پٺيان ۽ روڊ جي سطح تائين پهچي ويو آهي، عوام کي محفوظ هنڌن تي منتقل ٿيڻ جا اعلان ڪيا پيا وڃن.
ڊپٽي ڪمشنر چيو ته محفوظ هنڌن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي جتي ماڻهن کي منتقل ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن. هنگامي صورتحال ۾ عوام کي سرڪاري رهائشگاهن ۾ جڳهيون ڏنيون وينديون. هوڏانهن مالاڪنڊ ۾ بٽ خيله، الهه ڊهنڊ ڊيري ۽ ڀرپاسي ۾ به کنوڻ سان تيز برسات پئي آهي.
نيشنل ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي(اين ڊي ايم اي) 3 سيپٽمبر تائين امڪاني برساتن سبب ڪيترن ئي علائقن جي لاءِ ٻوڏ الرٽ جاري ڪري رکيو آهي. اين ڊي ايم اي موجب هيٺاهين وارن علائقا پاڻي هيٺ آهن، پشتون ۾ گهارا پوڻ سبب فصل ۽ ڳوٺن جي پاڻي هيٺ اچڻ جو امڪان آهي