لاهور: پنجاب جي دريائن ۾ چاڙهه جي صورتحال برقرار آهي جڏهن ته ڀارت ستلج درياءَ ۾ وڌيڪ پاڻي ڇڏي ڏنو آهي جنهن سبب بريڪي ۽ فيروز پور تي مٿانهين درجي جي ٻوڏ اچي سگهي ٿي.
ڀارتي هاءِ ڪميشن پاڪستان سان رابطو ڪندي آبي وسيلن واري وزارت کي آگاهه ڪيو، ڀارت ٻوڏ وهڪري بابت اڄ صبح جو 8 وڳي آگاهه ڪيو. گذريل ڏينهن به ڀارت ستلج درياءَ ۾ پاڻي جو وڏو وهڪرو ڇڏيو هو
پي ڊي ايم اي پنجاب ستلج درياءَ سان لاڳاپيل ضلعن جي انتظاميه کي هاءِ الرٽ رهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. بريڪي زيرين ۽ فيروز پور زيرين ۾ مٿانهين درجي جي ٻوڏ صورتحال آهي.
پي ڊي ايم اي ترجمان موجب ستلج درياءَ گنڊا سنگهه واري هنڌ تي پاڻي جو وهڪرو 2 لک 52 هزار ڪيوسڪ ۽ سليمانڪي جي هنڌ تي پاڻي جو وهڪرو 1 لک 24 هزار ڪيوسڪ آهي.
چناب درياءَ ۾ وڏو ٻوڏ وهڪرو ڏکڻ پنجاب طرف وڌي رهيو آهي. مراله جي هنڌ تي پاڻي جو وهڪرو 96 هزار ڪيوسڪ ۽ خانڪي هيڊ ورڪس جي هنڌ تي پاڻي جو وهڪرو 1 لک 20 هزار ڪيوسڪ آهي. قادر آباد جي هنڌ تي پاڻي جو وهڪرو 1 لک 35 هزار ڪيوسڪ آهي.
بيڊ تريمن جي هنڌ تي انتهائي اونچي درجي جي ٻوڏ آهي. بيڊ تريمن جي هنڌ تي پاڻي جو وهڪرو 5 لک 16 هزار ڪيوسڪ آهي جنهن ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي.
راوي درياءَ جسر جي هنڌ تي پاڻي جو وهڪرو 54 هزار ڪيوسڪ ۽ شاهدره جي هنڌ تي پاڻي جو وهڪرو 60 هزار ڪيوسڪ آهي. بلوڪي هيڊ ورڪس تي پاڻي جو وهڪرو 1 لک 37 هزار ڪيوسڪ ۽ بيڊ سدهنائي جي هنڌ تي پاڻي جو وهڪرو 1 لک 7 هزار ڪيوسڪ آهي.
رليف ڪمشنر پنجاب نبيل جاويد چيو آهي ته 5 سيپٽمبر تائين پنجاب جي دريائن راوي، ستلج ۽ چناب ۾ انتهائي اونچي درجي جي ٻوڏ جو امڪان آهي. مٿانهين علائقن ۾ برسات سبب دريائن جي وهڪرن ۾ اضافي جو امڪان آهي.
رليف ڪمشنر موجب پنجاب جي وزيراعليٰ جي هدايت کي نظر ۾ رکندي سمورا لاڳاپيل کاتا الرٽ آهن، شهرين جي جان، مال جي تحفظ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا پيا وڃن