تيانجن: عوامي جمهوريه چين جي صدر شي جن پنگ چيو آهي ته چين اقتصادي ترقي جي سمورن شعبن ۾ پاڪستان جي مدد جاري رکندو. خاص طور تي جڏهن سي پيڪ پنهنجي ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي انهي جي تحت پاڪستان جي اهم ترين اقتصادي شعبن تي ڌيان ڏنو پيو وڃي.
وزيراعظم شهباز شريف بيجنگ جي گريٽ هال آف دي پيپلز ۾ عوامي جمهوريه چين جي صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪئي. شهباز شريف هن وقت چين جي سرڪاري دوري تي آهن. ٻنهي اڳواڻن پنهنجي انتهائي خوشگوار ملاقات جي دوران پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ موسمياتي تبديلي تعاون تي ٻڌل ڀائيواري کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي گڏيل ارادن جو اظهار ڪيو.
وزيراعظم تيانجن ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهن جي سربراهي اجلاس جي ڪامياب منعقد ڪرڻ تي صدر شي جن پنگ کي مبارڪباد ڏني ۽ دنيا جي فسطانيت مخالف جنگ جي 80هين سالگره جي موقعي تي انهي کي مبارڪباد پيش ڪئي.
صدر شي جن پنگ جي قابليت ۽ اڳواڻي جنهن جي بدولت چين جديديت ۽ ترقي جون منزلون طئي ڪيون جي تعريف ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي چين جي ڪاميابي تي تمام گهڻو ناز آهي ۽ هو انهي عظيم سفر ۾ چين سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ هميشه تيار رهندو. وزيراعظم پاڪستان جي علاقائي سالميت، خودمختاري، سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ چين جي حمايت جي تعريف ڪئي.
هن صدر شي جن پنگ جي بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو(بي آر آئي) جي هڪ اهم منصوبي جي طور تي چين پاڪستان اقتصادي راهداري جي اهميت جي تعريف ۽ سي پيڪ جي اپ گريڊ ٿيل ٻئي مرحلي جن ۾ پنج وڌيڪ راهدارين جو اضافو ڪيو ويو آهي جي ڪامياب منعقد ٿيڻ لاءِ چين سان گڏجي ڪم جاري رکڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. اهڙن قدمن سان ٻنهي ملڪن کي هڪ گڏيل مستقبل سان گڏ وڌيڪ مضبوط پاڪستان چين ڪميونٽي ٺاهڻ ۾ مدد ملندي.
وزيراعظم شهباز شريف لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي لاءِ صدر شي جن پنگ جي پختي ارادي جي تعريف ڪندي چيو ته پاڪستان انهي سلسلي ۾ صدر شي جن پنگ جي تاريخي قدمن جي مڪمل حمايت ڪري ٿو جنهن ۾ گلوبل گورننس انيشينيٽو، گلوبل ڊوالپمينٽ انيشيئيٽو، گلوبل سيڪيورٽي اينيشيئيٽو ۽ گلوبل سولائزيشن انيشيئيٽو شامل آهن.
وزيراعظم چيو ته اهي قدم اجتماعي عالمي ڀلائي لاءِ ضروري آهن ۽ علاقائي ۽ عالمي امن، استحڪام ۽ ترقي ۾ مددگار ثابت ٿيندا. صدر شي جن چيو ته چين اقتصادي ترقي جي سمورن شعبن ۾ پاڪستان جي مدد جاري رکندو. خاص طور تي جڏهن سي پيڪ پنهنجي ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي ۽ انهي جي تحت پاڪستان جي اهم ترين اقتصادي شعبن تي ڌيان ڏنو پيو وڃي.
ٻنهي اڳواڻن انهي ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته انهن جي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ منفرد ۽ بي مثال آهن انهن جي عڪاسي انهن جي ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي. ٻنهي اڳواڻن اهم علاقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ انهي سلسلي ۾ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ تعاون جاري رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.
وزيراعظم صدر شي جن پنگ کي ايندڙ سال پاڪ چين دوستي جي 75هين سالگره جي موقعي تي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي لاءِ دعوت پڻ ڏني. انهي کان علاوه وزيراعظم جي اڄ روس جي صدر ولادي مير پيوٽن ۽ تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان سان به ڌار ڌار ملاقاتون شيڊول آهن، جن ۾ خطي جي صورتحال، اقتصادي تعاون ۽ گڏيل لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ تي ڳالهيون ڪيون وينديون.
دوري جي دوران وزيراعظم بيجنگ جي هڪ مقامي اسپتال جو معائنو به ڪندو جڏهن ته انهي جي چين جي نمايان ڪاروباري ماڻهن سان ملاقاتن جو به امڪان آهي. جن ۾ سرمائيڪاري ۽ واپاري رابطن کي هٿي ڏيڻ تي ڳالهيون ڪيون وينديون. اهو دورو پاڪستان چين ۽ خطي جي ٻين ملڪن سان لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ ۾ انتهائي اهميت جوڳو قرار ڏنو پيو وڃي.