ماهرن سينيٽائزر استعمال ڪندڙن کي خبردار ڪري ڇڏيو

واشنگٽن : آمريڪي اداري فوڊ اينڊ ڊرگ ايڊمنسٽريشن هينڊ سينيٽائزر جي گهڻي استعمال تي خبردار ڪندي چيو آهي ته هر قسم جا سينيٽائزر فائديمند ناهن هوندا پر ڪجهه صحت لاءِ هاڃيڪار به هوندا آهن.

آمريڪا جي فوڊ اينڊ ڊرگ اينڊمنسٽريشن ملڪ ۾ استعمال هيٺ هڪ ميڪسيڪن ڪمپني جي 9 سينيٽائزرز کي غير معياري قرار ڏيندي انهن تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي ۽ ڪمپني کي سمورو اسٽاڪ 17 جون تائين واپس کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي.

ايف ڊي اي انهن پراڊڪٽس ۾ ميٿانول جي موجودگيءَ جو انڪشاف ڪندي واهپيدارن کي خبردار ڪيو آهي ته جن سينيٽائزرز ۾ ميٿانول جو وڏي مقدار ۾ استعمال ڪيو ويو آهي، انهن سان ماڻهو جو نُور وڃڻ سان گڏوگڏ مرگيءَ جا دورا ۽ ڪوما به ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته اهڙا سينيٽائزر اعصابي نظام تي به ناڪاري اثر وجهي سگهن ٿا.

ماهرن موجب ڪورونا وبا سبب سڄي دنيا ۾ سينيٽائزر جي وڪري ۾ وڏي پئماني تي واڌ ٿي آهي پر پراڊڪٽ استعمال ڪرڻ کان اڳ واهپيدار ان ۾ شامل شين ۽ انهن جي مقدار کي ناهن پڙهندا ۽ نقصان کڻندا آهن.

ماهرن صلاح ڏني آهي ته سينيٽائزر سدائين سٺي ۽ ڀروسي جوڳي ڪمپني کان خريد ڪيو وڃي ۽ ڪوشش ڪئي وڃي ته سينيٽائزر رڳو اتي استعمال ڪجي، جتي هٿن کي 20 سيڪنڊن تائين ڌوئڻ لاءِ صابن موجود نه هجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔