ملڪ ۾ ڪورونا وڌيڪ 95 ڄڻن جون حياتيون ڳڙڪائي ڇڏيون

ڪراچي/اسلام آباد: ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 95 ڄڻن جون حياتيون ڳڙڪائي ڇڏيون، فوت ٿيلن جو انگ 3 هزار 903 ٿي ويو، 1948 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ متاثرن جو انگ هڪ لک 92 هزار 970 ٿي ويو، سنڌ ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ 74 هزار 70، پنجاب ۾ 71 هزار 191، خيبرپختونخواهه ۾ 23 هزار 887، بلوچستان ۾ 9 هزار 817، اسلام آباد ۾ 11 هزار 710 ، گلگت بلتستان ۾ 1365 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 930 ٿي ويو، هيل تائين 81 هزار 307 ماڻهو ڪورونا کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔