وفاقي وزير شيخ رشيد ڪورونا وائرس کي شڪست ڏئي ڇڏي

راولپنڊي: ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد جي ڪورونا ٽيسٽ نگيٽو اچي وئي آهي.

رپورٽ موجب ريلوي کاتي جي ترجمان ٻڌايو آهي ته شيخ رشيد جي ڪورونا ٽيسٽ نگيٽو اچي وئي آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته وفاقي وزير کي اڄ اسپتال مان ڊسچارج ٿيڻ جي اجازت ملي ويندي.

ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ وفاقي وزير ريلوي شيخ رشيد احمد جي ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو آئي هئي جنهن کان پوءِ هو قرنطينه ۾ هليو ويو هو. ريلوي واري وزير ٻڌايو ته ڪورونا وائرس جي ڪابه  نشاني ثابت ته ناهي ٿي پر ٽيسٽ پازيٽو اچڻ کان پوءِ مون پنهنجو پاڻ کي گهر ۾ ئي آئسوليٽ ڪري ڇڏيو آهي ۽ هڪ هفتي کان پوءِ ٻيهر پنهنجي ٽيسٽ ڪرائيندس. جنهن کان پوءِ شيخ رشيد جي طبيعت خراب ٿيڻ تي کيس ملٽري اسپتال منتقل ڪيو ويو هو.

وفاقي وزير ريلوي شيخ رشيد احمد جو ملٽري اسپتال(ايم ايڇ) ۾ علاج جاري هو جتي شيخ رشيد احمد قوم کي دعا جي درخواست ڪئي هئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔