ايس او پيز تي عمل نه ڪيو ويو ته اسپتالن تي دٻاءُ وڌي ويندو: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورونا کان بچاءُ جي لاءِ ايس او پيز تي عمل نه ڪيو ويو ته اسپتالن تي دٻاءُ وڌي ويندو.

اسلام آباد ۾ ٽائيگر فورس جي رضاڪارن کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته رضاڪاراڻو ڪم ڪرڻ تي ٽائيگر فورس جي اهلڪارن جو ٿورائتو آهيان. هر ملڪ ۾ ايس او پيز تي تي عمل رضاڪارن ڪرايو. ماڻهن کي اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته ايس او پيز تي عمل ڪرڻ ضروري آهي پر ماڻهن کي سمجهه نه پيو اچي ته ايس او پيز تي عمل ڪيترو ضروري آهي ايس او پيز تي عمل نه ڪيو ويو ته اسپتالن تي دٻاءُ وڌي ويندو.

وزيراعظم عمران خان چيو ته اسان وٽ پڙهيل لکيل ماڻهو آهن اسان وٽ صرف هڪ مهينو آهي. اسان کي وڌيڪ بهتر ڪم ڪرڻو آهي اسان ڪورونا وائرس جي صورتحال مان جلد نڪري اينداسين. هاڻ اسان جي انتظاميه به ٿڪجي وئي آهي انهن کي پنهنجو به ڪم ڪرڻو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔