لاڪ ڊائون سبب پاڪستان ۾ ڦاٿل748 ڀارتي شهرين جي واپسي شروع

لاهور: ڪورونا لاڪ ڊائون سبب پاڪستان ۾ رهندڙ 748 ڀارتي شهرين جي واپسي شروع ٿي وئي آهي جنهن مان 250 ڀارتي شهرين جو پهريون گروپ اڄ واهگا بارڊر جي رستي واپس موٽي ويو آهي.

ڪورونا لاڪ ڊائون سبب پاڪستان ۾ رهندڙ 250 ڀارتي شهرين جو پهريون گروپ اڄ 25 جون تي واهگا بارڊر جي رستي واپس انڊيا موٽي ويو آهي. جڏهن ته 250 ڀارتي شهرين جو ٻيو گرپ 26 جون ۽ ٽيون گروپ 27 جون تي واپس ويندو. ڀارتي شهري پنهنجي مائٽن سان ملاقات ۽ مذهبي رسمن جي ادائيگي جي لاءِ پاڪستان آيا هئا پر لاڪ ڊائون ۽ پاڪ ڀارت سرحد بند ٿيڻ سبب ان جي واپسي ممڪن نه ٿي سگهي هئي. پاڪستان ۾ رهندڙ 748 ماڻهن مان 402 جو تعلق والاريل جمون ۽ ڪشمير سان آهي ۽ هنن ۾ گهڻو انگ شاگردن جو آهي جيڪي پاڪستان ۾ ميڊيڪل جي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن.

خميس جي ڏينهن واپس ويندڙن ۾  گهڻا ڪشميري شهري آهن. جڏهن ته ٻين هندستانين جي ڳالهه ڪئي وڃي ته ان مان 70 جو تعلق گجرات، 61 مهاراشترا، 46 اتر پرديش، 38 راجستان، 36 پنجاب، 26، دهلي، مدهيه پرديش سان 15 هريانه سان 14، تلنگا مان 11، ڪرناٽڪا ۽ چندي ڳڙهه سان 6-6 چهتيش ڳڙهه 5، تامل ناڊو 4، ويسٽ بنگال 3، اتر کهنڊ 2، هماچل سان 2 ۽ هڪ شهري جو تعلق بهار سان آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔