غلط فيصلن سبب ملڪ جي معيشت تباهي ڪناري تي پهچي چڪي آهي: احسن اقبال

اسلام آباد: پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته غلط فيصلن سبب ملڪ جي معيشت تباهي ڪناري تي پهچي چڪي آهي. 2 سالن کان جي ڊي پي گروٿ لاڳيتو هيٺ اچي رهيو آهي.

ايٽمي ملڪ جا ماڻهو وينٽي ليٽرز نه هجڻ سبب مري رهيا آهن جنهن گهر جو اڳواڻ چوي ته ملڪ ڏيوالپڻي جو شڪار ٿي چڪو آهي ان جو ساٿ ڪير ڏيندو.؟ رپورٽ موجب مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ احسن اقبال قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته اڄ ننڍي کان ننڍو ڪاروبار ڪندڙ پيشيون ڀڳتي رهيو آهي. احتساب جي اداري جو مقصد صرف اپوزيشن کي هراسان ڪرڻ آهي. سي پيڪ بهترين تحفو آهي. جيڪو صدين ۾ هڪ ڀيرو ملندو آهي خبر ناهي معيشت جي بحالي لاءِ ايندڙ حڪومت کي ڪيترو وقت لڳندو اسان معيشت کي 5 سالن ۾ سنڀاليو، هنن 2 سالن ۾ فريڪچر ڪرائي ڇڏيو.

احسن اقبال چيو ته اسان جي دور ۾ ڪيترن ئي ملڪن سرمائيڪاري ۾ دلچسپي ظاهرڪئي. بجيٽ جو حجم ڏسي ٻڌايو، ڪهڙي قسم جي معيشت آهي. ٽيڪس ريوينيو ۽ گروٿ ريٽ تي حڪومت جي ڪارڪردگي مان مطمئن ناهيون. اوهان موجوده خرچ ڪنٽرول نٿا ڪري سگهو. اوهان هر خالي جڳهه قرض وٺي پوري ڪري رهيا آهيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔