پاڪستان ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ، 2 پرڏيهي ايئرلائنن جون اڏامون معطل

اسلام آباد: پاڪستان ۾ ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن سبب 2 پرڏيهي ايئرلائنن پاڪستان جي لاءِ پنهنجون اڏامون معطل ڪري ڇڏيون آهن.

رپورٽ موجب پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي وڌندڙ ڪيسن سبب فلائي دبئي ۽ اتحاد ايئرلائن پاران پاڪستان ڏانهن ويندڙ اڏامون معطل ڪري ڇڏيون آهن.

فلائي دبئي موجب ايئرلائن پاڪستان ۾ وڌندڙ ڪورونا ڪيسن سبب پاڪستان مان مسافر نه کڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ 25 جون کان صرف دبئي مان پاڪستاني مسافرن کي آندو ويندو.

ٻئي طرف اتحاد ايئرلائن به پاڪستان مان ويندڙ اڏامن کي فوري طور تي معطل ڪري ڇڏيو آهي.

اتحاد ايئرلائن موجب يو اي اي مان پاڪستان ايندڙ مسافرن واريون اڏامون ۽ اتحاد ايئرويز جي ڪارگو سروس مڪمل جاري رهندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔