عمران خان جي سمورن وزيرن کي هڪ ٻئي خلاف بيان بازي کان پاسو ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد: وزير اعظم عمران خان حڪومتي ۽ پارٽي ترجمانن جي اجلاس ۾ وفاقي وزير فواد چوڌري جي بيان تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پارٽي ميمبر ۽ وزير هڪ ٻئي جي خلاف بيان بازي کان پاسو ڪن.اسلام آباد ۾ رٿيل اجلاس ۾ وزير اعظم جو چوڻ هو ته پارٽي جي نظم و ضبط تي عمل ڪرڻ سمورن ميمبرن جي ذميواري آهي. وزير ۽ پارٽي اڳواڻ هڪ ٻئي جي خلاف بيان بازي کان پاسو ڪن موجوده صورتحال ۾ سڀ گڏجي ملڪ لاءِ ڪم ڪن. اجلاس ۾ تازي سياسي ۽ ملڪي صورتحال تي به ڳالهيون ڪيون ويون.ڪراچي ۾ پي آءِ اي جهاز حادثي جي رپورٽ بابت وزير اعظ۾ چيو ته پهريون ڀيرو هوائي حادثن جي رپورٽ منظر عام تي آندي پئي وڃي. کنڊ ۽ ڪڻڪ بحران جي رپورٽ به عام ڪئي. جاچ رپورٽ تي ڪارروائيون ڪري هنن کي منطقي انجام تائين پهچائينداسين. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ حڪومتي ميمبرن وزير اعظم عمران خان جي فيصلن ۽ قيادت تي مڪمل اعتماد اظهار ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔