ڪورونا وائرس: 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 60 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا

اسلام آباد: پاڪستان ۾ ڪورونا جي مريضن ۽ فوتگين ۾ گهٽتائي ٿيڻ لڳي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي تصديق ٿيل ڪيسن جو انگ هڪ لک 88 هزار 926 تائين پهچي ويو.جڏهن ته هڪ ئي ڏينهن ۾ 60 ڄڻا فوت ٿي ويا. جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 3 هزار 755 ٿي ويو آهي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽرن جي تازن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 3 هزار 892 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا.پنجاب ۾ 69 هزار 536، سنڌ ۾ 72 هزار 656، خيبرپختونخواهه ۾ 23 هزار 388، بلوچستان ۾ 9 هزار 634، گلگت بلتستان ۾ هڪ هزار 337، اسلام آباد ۾ 11 هزار 483 جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 892 ڪيس رپورٽ ٿيا. سڄي ملڪ ۾ هنيئر تائين 11 لک 50 هزار 141 ڄڻن جا ٽيسٽ ڪيا ويا.گذريل 24 ڪلاڪن دوران 23 هزار 380 نوان ٽيسٽ ڪيا ويا. هينئر تائين 77 هزار 754 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. جڏهن ته 3 هزار 337 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.پاڪستان ۾ ڪورونا هڪ ئي ڏينهن دوران 60 ڄڻا فوت ٿي ويا جنهن کان پوءِ موذي وائرس سبب فوت ٿي ويل ماڻهن جو انگ 3 هزار 755 ٿي ويو آهي.پنجاب ۾ هڪ هزار 516، سنڌ ۾ هڪ هزار 124، خيبرپختونخواهه ۾ 855، اسلام آباد ۾ 108، گلگت بلتستان ۾ 23، بلوچستان ۾ 106 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 23 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔