دنيا ۾ هڪ ڏينهن دوران ڪورونا سبب 5 هزار 130 ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا

ڪراچي/نيويارڪ : دنيا ۾ هڪ ڏينهن دوران ڪورونا وگهي وڌيڪ 5 هزار 130 ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا آهن، جڏهن ته ڏيڍ لک نوان ڪيس رپورٽ ٿيڻ کانپوءِ دنيا ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ 93 لک 30 هزار 67 ٿي ويو، برازيل ۾ صورتحال بدستور خراب آهي، هڪ ڏينهن دوران هڪ هزار 2 سئو 42 ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا، آمريڪا ۾ 33 هزار 430 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا،838 ماڻهو ڪورونا وگهي فوت ٿي ويا. ڀارت ۾ وڌيڪ 468 ڄڻا وائرس وگهي حياتيون وڃائي ويٺا، جنهن کانپوءِ فوتين جو ڪُل انگ 14 هزار 438 ٿي ويو آهي. برطانيه ۾ 280،روس ۾ 153، ايران ۾ 121 سائوٿ آفريڪا ۾ 111، فرانس ۾ 57، ايڪواڊور ۾ 51 ۽ بنگلاديش ۾ 43 ڄڻا فوت ٿي ويا. دنيا ۾ هيل تائين 4 لک 78 هزار 610 ماڻهو ڪورونا وگهي فوت ٿي چڪا آهن. جڏهن ته 50 لک 9 هزار 527 ماڻهو ڪورونا کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي چڪا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔