ڪورونا سبب بنگلاديشي ڪرڪيٽ ٽيم سريلنڪن دورو ملتوي ڪري ڇڏيو

ڍاڪا :بنگلاديشي ڪرڪيٽ ٽيم ڪورونا وائرس سبب سريلنڪا جو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو.بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ طرفان سريلنڪا ڪرڪيٽ کي پنهنجي فيصلي بابت آگاهه ڪيو ويو آهي، جڏهن ته نين تاريخن جو اعلان گڏيل مشاورت سان پوءِ ڪيو ويندو.بنگلاديشي ڪرڪيٽ ٽيم کي جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ سريلنڪا جي دوري دوران 3 ٽيسٽ ميچون کيڏڻيون هيون.واضح رهي ته تازو نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم به پنهنجو بنگلاديشي دورو ملتوي ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔