ڪراچي جهاز حادثو: پائلٽس جي ذهنن تي ڪورونا سوار هو: غلام سرور خان

اسلام آباد: هوائي معاملن واري وفاقي وزير غلام سرور خان ڪراچي جهاز حادثي جي شروعاتي جاچ رپورٽ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏي.قومي اسيمبلي ۾ رپورٽ پيش ڪندي غلام سرور خان چيو آهي ته حادثي جي ڏينهن انڪوائري ڪميشن قائم ڪئي وئي جڏهن ته جهاز حادثي جي ٽن ڏينهن کانپوءِ فرانس جي تحقيقاتي ٽيم پاڪستان آئي ۽ واقعي واري هنڌ جو دورو ڪيو. هن چيو ته صاف ۽ شفاف انڪوائري ڪئي پئي وڃي ۽ سينئر پائلٽ پڻ انڪوائري ۾ شامل آهن پر حادثي جي مڪمل رپورٽ تيار ڪرڻ ۾ هڪ سال لڳندو، شروعاتي رپورٽ موجب جهاز اڏام لاءِ 100 سيڪڙو فٽ هو، پائلٽ پڻ طبي طور تي جهاز کي اڏائڻ لاءِ بهتر هئا جڏهن ته جهاز جي اڏام دوران پائلٽ ڪنهن فني خرابي جي نشاندهي نه ڪئي. غلام سرور خان وڌيڪ ٻڌايو ته ايئر ٽرئفڪ ڪنٽرولر 3 ڀيرا پائلٽ جو ڌيان ڇڪائڻيندي چيو ته لينڊنگ نه ڪريو، هڪ چڪر ٻيو لڳايو، پر پائليٽ هدايتن کي نظرانداز ڪيو، رن وي کان 10 ميل جي مفاصلي تي جهاز کي 2500 فوٽ تي اڏائڻ گهرجي ها، جهاز جو لينڊنگ گيئر 10 ناٽيڪل ميل تي کوليو ويو، 5 ناٽيڪل ميل تائين پهچڻ بعد گئر وري مٿي کٽي ويو. رپورٽ پيش ڪندي وفاقي وزير چيو ته 1500 کان 3000 فوٽن تائين جهاز رن وي ڇوئي سگهي ٿو، جهاز رن وي سان انجڻ رڳڙجڻ سبب متاثر ٿيو ۽ باهه ڀڙڪي، پائلٽ ٻيهر هدايتون نظرانداز ڪري جهاز اڏايو، ڪنٽرولر به غلطي ڪئي. کيس پائلٽ کي ٻڌائڻ گهرجي ها، جهاز مٿي ويا ته ٻئي انجڻون متاثر ٿي چڪيون هيون، پائليٽ ٻيهر لهڻ جي اجازت گهري، پر افسوس جيڪا منزل ڏني وئي اهو ان تائين پهچڻ ۾ ناڪام ٿيو ۽ جهاز آباد مٿان وڃي ڪري پيو، ٻنهي پائلٽ ۽ ڪنٽرولر ٻڌايل طريقيڪار تي عمل نه ڪيو، پائليٽ جا آخري لفظ يا الله ٽي ڀيرا چيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔