ڪراچي ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري

ڪراچي: ڪراچي ۾ بجلي جي بدترين لوڊشيڊنگ سبب روشنين جو شهر اوندهه ۾ ٻڏي ويو آهي، ڪي اليڪٽرڪ طرفان شهر جي مختلف علائقن ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري آهي.رپورٽ موجب ڪراچي جي علائقي لياقت آباد، نارٿ ڪراچي، فيڊرل بي ايريا بلاڪ 17، گلستان جوهر بلاڪ 8 ۾ رات دير سان به بجلي جي اکٻوٽ جاري رهي. لياقت آباد سي ون ايريا ۾ 18 ڪلاڪ بعد بحال ٿيندڙ بجلي به رات جو پوڻي يارهين وڳي ٻيهر غائب ٿي وئي. بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ ۽ سخت گرمي جي موسم ۾ شهرين کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.شهرين شڪايت ڪندي چيو آهي ته فالٽ جي نالي تي بجلي بند ڪئي پئي وڃي. بنا وقت جي بجلي غائب ٿي ويندي آهي ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ غائب رهندي آهي. لوڊشيڊنگ فري ايريا ۾ به هاڻ بجلي ڏينهن ۾ ڪيترائي ڀيرا هڪ ڪلاڪ جي لاءِ بند ڪئي پئي وڃي ۽ رات جو 12 وڳي کان پوءِ به لوڊشيڊنگ جاري رهندي آهي جنهن سبب ٻارڙا توڙي وڏا سڀ ئي پريشان آهن.ٻئي طرف ڪي اليڪٽرڪ جو موقف آهي ته لوڊشيڊنگ اهڙن علائقن ۾ ڪئي پئي وڃي جتي بل نه ڀرڻ جون شڪايتون وڌيڪ آهن. ڪي اليڪٽرڪ جي ترجمان موجب گلزار هجري، ٽيچرز سوسائٽي، ڪياماڙي ۽ گنيز فاطمه سميت ٻين علائقن ۾ بجلي بحال آهي جن علائقن ۾ بجلي چوري جون شڪايتون وڌيڪ آهن اتي اين پي پي جي تحت لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي. ترجمان ڪي اليڪٽرڪ چيو آهي ته چوري سبب بجلي جي انفرا اسٽرڪچر کي به نقصان پهتو آهي ۽ ٽرپنگ ۾ به واڌ ٿيندي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔