ناڻي واري صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ جي اين ايف سي ۾ مقرري ڪالعدم قرار

ڪوئيٽا: بلوچستان هاءِ ڪوٽ قومي مالياتي ڪميشن ايوارڊ(اين ايف سي) ۾ ناڻي واري صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ ۽ ناڻي واري سيڪريٽري جي بطور ماهر مقرري ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏي.بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس جمال خان مندوخيل ۽ جسٽس نذير احمد لانگو تي ٻڌل بينچ نيشنل فنانس ڪميشن(اين ايف سي) بابت گڏيل درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت صدر ڊاڪٽر عارف علوي طرفان جاري ڪيل ٽرمز آف ريفرنس به ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيا.عدالت گڏيل درخواستن تي فيصلو ٻڌائيندي حڪم ڏنو ته اين ايف سي جي لاءِ ميمبرن جي مقرري قاعدن، ضابطن ۽ آئين موجب ناهي. ان ڪري صدر، گورنر بلوچستان، وڏو وزير يا صوبائي حڪومت جي مشاورت ۽ سفارش تي نئين ممبرن جي مقرري عمل ۾ آندي وڃي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت اين ايف سي ايوارڊ جي جوڙجڪ جي حوالي سان آئين جي آرٽيڪل 160 کي ملحوظ خاطر رکيو. آئين جي آرٽيڪل 160 تحت صوبن جو حصو پوئين ايوارڊ کان گهٽ نه ٿيڻ گهرجي. جڏهن ته ستين اين ايف سي ايوارڊ تي به بعد ۾ ڪٽ لڳايو ويو هو ان سان وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ وٿيون وڌنديون.ياد رهي ته صدر ڊاڪٽر علوي 12 مئي 2020 تي ڏهون قومي مالياتي ڪميشن(اين ايف سي) جوڙيو هو. جنهن ۾ بلوچستان مان جاويد جبار جي بطور ميمبر مقرري عمل ۾ آندي وئي هئي پر ان جي مقرري ۽ 10هين اين ايف سي ايوارڊ جي ٽرمز آف ريفرنس کي بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾ گڏيل آئيني درخواستن جي ذريعي چيلنج ڪيو ويو هو.بلوچستان جي طرفان مقرر ڪيل جاويد جبار به استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو پر درخواست ڏيندڙ ٽرمز آف ريفرنس ۽ ٻين جي حوالي سان آئيني درخواستن جي پيروي جاري رکي جنهن تي عدالت سڳوري مذڪوره فيصلو جاري ڪيو.ٻڌڻي دوران درخواست ڏيندڙ ايڊووڪيٽ ڪامران مرتضيٰ، ايڊووڪيٽ ساجد ترين، ايڊووڪيٽ راحب بليدي، ڊپٽي اٽارني جنرل غلام مصطفيٰ بزدار ۽ ايڊووڪيٽ سيد اقبال شاهه، ايڊووڪيٽ جنرل بلوچستان ارباب محمد طاهر پيش ٿيا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔