نيب اڳوڻي پرڏيهي وزير خواجه آصف کي طلب ڪري ورتو

اسلام آباد: قومي احتساب بيورو(نيب) اڳوڻي پرڏيهي وزير ۽ مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ خواجه آصف کي طلب ڪري ورتو آهي.ذريعن موجب نيب لاهور خواجه آصف کي ڪينٽ هائوسنگ سوسائٽي سيالڪوٽ ڪيس ۾ 26 جون تي صبح جو 11 وڳي طلب ڪيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته خواجه آصف تي الزام آهي ته هن موجود زمين کان وڌيڪ زمين وڪرو ڪئي ۽ اختيارن جو غلط استعمال به ڪيو. ذريعن موجب ڪيس ۾ خواجه آصف جي گهر ڀاتين جي به ملوث هجڻ جو الزام آهي. واضح رهي ته ان کان اڳ نيب خواجه آصف کي آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ به طلب ڪري چڪو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔