ڊيمين مارٽن سخت بيمار ، اسپتال منتقل

ميلبرن:اڳوڻي آسٽريليا جي ڪرڪيٽر ڊيمين مارٽن کي نازڪ حالت ۾ برسبين جي هڪ اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب، ڊيمين مارٽن، جيڪو 2003 جي ورلڊ ڪپ کٽيندڙ آسٽريلوي ٽيم جو حصو هو، کي گردن جي سوزش جي تشخيص ٿي آهي ۽ هن وقت اسپتال ۾ ڪوما ۾ آهي.54 سالن جو ڊيمين مارٽن ڪرسمس جي ڏينهن تي هڪ سنگين بيماري سبب ڪري پيو. ڪرڪيٽ آسٽريليا ۽ ڪرڪيٽرن ڊيمين مارٽن جي اوچتو بيماري تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.ڪرڪيٽ آسٽريليا جي چيف ايگزيڪيوٽو ٽوڊ گرينبرگ چيو ته هو ڊيمين مارٽن جي بيماري بابت ٻڌي ڏک ۾ آهي.

تبصرے بند ہیں۔