ميل گبسن ۽ روزلنڊ راس پاران عليحدگي جي تصديق

لنڊن : هالي ووڊ جي مشهور اداڪار ميل گبسن ۽ سندس ڊگهي عرصي جي ساٿي روزلنڊ راس پنهنجي عليحدگي جي تصديق ڪئي آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب، 69 سالن جي ميل گبسن ۽ 35 سالن جي روزلنڊ راس پنهنجي عليحدگي جي تصديق ڪندي چيو ته اهي خاموشي سان هڪ سال اڳ الڳ ٿي ويا.ان کان علاوه، ٻنهي جو هڪ 8 سالن جو پٽ پڻ آهي، جنهن کي اهي گڏجي پاليندا رهندا.اڳوڻي جوڙي پيپل ميگزين سان شيئر ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ته، “جيتوڻيڪ اسان جي زندگي ۾ هن باب کي ختم ڪرڻ افسوسناڪ آهي، پر فطرت اسان کي هڪ خوبصورت پٽ سان نوازيو آهي ۽ اسان پنهنجي پٽ لاءِ بهترين والدين رهنداسين.”اهو ياد رکڻ گهرجي ته اداڪار گبسن اڳ ۾ رابن ڊينس مور سان شادي ڪئي هئي، پر بدقسمتي سان 26 سالن تائين هلندڙ هي شادي 2006 ۾ ختم ٿي وئي.

تبصرے بند ہیں۔