وزيراعظم جي آڇ باوجود پي ٽي آءِ ڳالهين کان انڪار ڪري رهي آهي: خواجه آصف

اسلام آباد:   وزيراعظم شهباز شريف طرفان ڳالهين جي آڇ ڏيڻ باوجود پي ٽي آءِ ڳالهين کان انڪار ڪري رهي آهي. انهي حوالي سان خواجه آصف وضاحت پيش ڪري ڇڏي آهي.

نجي ٽي وي موجب دفاع واري وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته حڪومت  سنجيدگي سان ڳالهين جي لاءِ تيار آهي پر پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان جواب ۾ گاريون ڏنيون وينديون آهن. هن چيو ته حڪومت طرفان ڪيترائي ڀيرا ڳالهين جي آڇ ڪئي وئي پر پي ٽي آءِ انهن ڪوششن جو مثبت جواب نه ڏنو.

خواجه آصف چيو ته وزيراعظم 3 کان 4 ڀيرا واضح طور تي ڳالهين جي آڇ ڪئي پر انهي جي باوجود پي ٽي آءِ ڳالهين کان انڪار ڪيو. هن چيو ته سياسي اختلافن جو حل ڳالهين سان ئي آهي پر جڏهن جواب ۾ بدزباني ٿئي ته معاملا اڳيان نٿا وڌي سگهن.

دفاع واري وزير چيو ته اقتدار هڪ عارضي شيءَ آهي سياست ۾ مستقل مزاجي ۽ برداشت جي ضرورت هوندي آهي حڪومت اڃان به ڳالهين جي لاءِ تيار آهي پر پي ٽي آءِ جي قيادت طرفان سنجيده رويو سامهون نه پيو اچي.

خواجه آصف احتساب بابت ڳالهائيندي چيو ته اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ جو احتساب ڪيو ويو جيڪو انهي ڳالهه جو ثبوت آهي ته ادارن ۾ خود احتسابي جو عمل موجود آهي. هن چيو ته پنهنجي اداري کان احتساب جي شروعات جو ڪريڊٽ موجوده فوجي قيادت ڏانهن وڃي ٿو.

 

تبصرے بند ہیں۔