ممبئي: ڀارت جي تامل ۽ ڪنٽر فلم انڊسٽري جي اداڪاره نندني والدين طرفان مرضي جي شادي لاءِ دٻاءُ وجهڻ تي آپگهات ڪري ڇڏيو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب اداڪاره نندني سي ايم بنگلور ۾ پنهنجي گهر ۾ آپگهات ڪيو مرڻ کان اڳ هن لکت ۾ نوٽ به ڇڏيو آهي. اداڪاره نوٽ والدين جي نالي لکيو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته مان شادي جي لاءِ دٻاءُ جو شڪار هئس، ذهني طور تي مان شادي جي لاءِ تيار نه هئس جڏهن ته ٻين مسئلن سبب مان ڊپريشن جو شڪار به هئس.
ڀارتي رپورٽ موجب في الحال نندني جي فوتگي جي حقيقي سببن جي حوالي سان ڪابه سرڪاري تصديق نه ٿي سگهي آٿي. پوليس جو چوڻ آهي ته جاچ مڪمل ٿيڻ کان پوءِ وڌيڪ ڄاڻ فراهم ڪئي ويندي.
رپورٽن موجب نندني پنهنجي نوٽ ۾ لکيو ته والدين مون کي مرضي جي خلاف شادي لاءِ مجبور ڪري رهيا هئا مان جذباتي طور تي دٻاءُ ۾ هئس، جنهن جي ڪري مان ڊپريشن ۾ مبتلا ٿي وئي آهيان. والدين جي دٻاءُ ڏيڻ باوجود مان شادي جي لاءِ پاڻ کي ذهني طور تي تيار ڪرڻ ۾ ناڪام ثابت ٿي رهي آهيان. هن وڌيڪ وڌيڪ لکيو ته مسلسل ڪشمڪش ۽ ذهني اذيت سبب ڊپريشن جي مرض ۾ مبتلا ٿي وئي آهيان هاڻ مون کان وڌيڪ برداشت نه ٿي رهيو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب اهو حيرت انگيز اتفاق آهي ته نندني تازو ئي تامل سيريل گوري ۾ نظر آئي هئي جنهن ۾ انهي جي ڪردار کي زهر پيئندي ڏيکاريو ويو هو جنهن کان پوءِ انهي منظر سوشل ميڊيا تي هڪ نئين بحث کي جنم ڏنو آهي.
تبصرے بند ہیں۔