ڍاڪا: بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم خالد ضياءَ 80 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري وئي. رپورٽن موجب خالده ضياءَ جگر جي بيماري سميت ڪيترن ئي ٻين مرضن ۾ مبتلا هئي هو ڪافي وقت کان اسپتال ۾ علاج هيٺ هئي پر اڄ هو خالق حقيقي سان وڃي ملي. انهي جو لاڏاڻو ڍاڪا جي راڄڌاني واري اسپتال ۾ مقامي وقت موجب صبح جو 6 وڳي ٿيو.
گذريل ڏينهن ڊاڪٽرن خالده ضياءَ جي حالت کي انتهائي ڳڻتي جوڳو قرار ڏنو هو، انهي حوالي سان انهي جو علاج ڪندڙ ميڊيڪل بورڊ جي ميمبر ڊاڪٽر ضياءُالحق جو چوڻ هو ته خالده ضياءَ کي لائف سپوٽ تي رکيو ويو آهي باقاعدگي سان سندس ڊائيلاسس ڪيو پيو وڃي.
هن ٻڌايو ته جڏهن به ڊائيلاسس روڪيو وڃي ٿو ته انهي جي حالت خراب ٿي ويندي آهي هن جو چوڻ هو وڏي عمر ۽ مختلف بيمارين سبب سندس هر هڪ بيماري جو علاج هاڻ ممڪن نه رهيو آهي.
خالده ضياءَ بنگلاديش جي مشهور سياستدان هئي جنهن 1991ع کان 1996ع ۽ پوءِ 2001 کان 2006 تائين ملڪ جي وزيراعظم جي طور تي خدمتون انجام ڏنيون. اها بنگلاديش جي پهرين عورت وزيراعظم هئي جڏهن ته انهي کي مسلمان دنيا ۾ بينظير ڀٽو کان پوءِ ٻئي عورت وزيراعظم هجڻ جو به اعزاز حاصل ٿيو هو.
خالده ضياءَ بنگلاديش جي اڳوڻي صدر ضياءُالرحمان جي گهر واري هئي، سياسي ڪيريئر جي دوران انهي تي ڪرپشن جا الزام لڳا کيس 2018 ۾ 5 سالن لاءِ جيل جي سزا به ڪاٽڻي پئي هئي.
عوامي ليگ جي اڳواڻ شيخ حسينه واجد سان انهي جي ڊگهي سياسي ويجهڙائي به رهي. جنهن کان پوءِ آخرڪار شيخ حسينه واجد کي گذريل سال حڪومت ڇڏڻي پئي هئي.
ياد رهي ته خالد ضياءَ جو پٽ ۽ بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي جو عبوري چيئرمين طارق رحمان ڪجهه ڏينهن اڳ 17 سالن جي جلا وطني ختم ڪري ملڪ واپس پهتو هو انهي جي واپسي اهڙي وقت ۾ ٿي جڏهن بنگلاديش ۾ اهم چونڊون منعقد ٿيڻ واريون آهن. طارق رحمان 2008 ۾ 18 مهينا قيد کان پوءِ علاج ۽ ٻين سببن جي آڌار تي برطانيه هليو ويو هو.
تبصرے بند ہیں۔