پراپرٽي فائلن ۾ فراڊ خلاف حڪومت جو سخت ايڪشن، وزيراعظم حڪم جاري ڪري ڇڏيا

اسلام آباد:  ملڪ ۾ پراپرٽي فائلن ۽ پلاٽس بابت فراڊ جي خلاف حڪومت سخت ايڪشن کڻي رهي آهي. انهي سلسلي ۾ وزيراعظم اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن.

نجي ٽي وي جي رپورٽ موجب وفاقي حڪومت پراپرٽي فائلن، پلاٽس، ولاز ۽ اپارٽمينٽس جي خريد وڪرو جي قانوني حيثيت جو جامع جائزو وٺڻ جي لاءِ اعليٰ سطح جي ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. جيڪا فراڊ ٽيڪس چوري ۽ سرمائيڪاري جي تحفظ بابت وڌندڙ خدشن کي نظر ۾ رکندي قائم ڪئي وئي آهي. انهي مقصد جو ريئل اسٽيٽ سيڪٽر ۾ شفافيت کي هٿي ڏيڻ آهي.

سرڪاري نوٽيفڪيشن موجب ڪميٽي جي سربراهي قانون ۽ انصاف وارو وزير ڪندو جڏهن ته چيئرمين ايف بي آر سمورن صوبن جي سينئر ممبرز بورڊ آف روينيو نيب جو گريڊ 21 يا انهي کان مٿي جو هڪ نمائندو، چيف ڪمشنر اسلام آباد، ڪيپٽل ٽيريٽري، ايسوسيئيشن آف بلڊرز اينڊ ڊوالپرز(آباد) جو نمائندو ڪميٽي ۾ شامل هوندو. ايف بي آر ڪميٽي کي سيڪريٽريل مدد فراهم ڪندو.

ڪميٽي کي اها ذميواري ڏني وئي آهي ته اها ريئل اسٽيٽ ۾ فائل سسٽم جي عملي طريقيڪار ۽ قانوني اسٽيٽس جو جائزو وٺي جڏهن ته وفاقي ۽ صوبائي سطح تي انهي ڪاروبار جي حڪومتي ريوينو تي پوندڙ اثرن جو به تجزيو ڪري. انهي سان گڏوگڏ فائل هولڊرز ۽ خريدارن جي حقن، خاص طور تي ڊويلپرز طرفان مبينه فراڊن، جعلي يا ٻين فائلن جي جاري ۽ هڪ ئي ملڪيت جي هر ڀيري وڪرو جهڙن معاملن جي به جاچ ڪئي وڃي.

ٽي او آرز جي تحت ڪميٽي لاڳاپيل قانون ۾ ضروري ترميم جي سفارش به ڪندي ته جيئن پراپرٽي فائلن جي خريد، وڪرو کي هڪ واضح ۽ باضابطه قانوني فريم ورڪ جي تحت آڻي سگهجي. انهي قدم جو مقصد ٽيڪسز جي صحيح وصولي کي يقيني بنائڻ ۽ سرمائيڪارن کي قانوني تحفظ ڏيڻ آهي.

ڪميٽي کي اهو به اختيار هوندو ته اها پنهنجي ميڊيٽ سان جڙيل ٻين معاملن جو به جائزو وٺي سگهي. ڪميٽي کي هڪ مهيني جي اندر پنهنجي رپورٽ حڪومت کي پيش ڪرڻ جي هدايت ڏني وئي آهي.

نجي ٽي وي جي رپورٽ موجب اها ڪميٽي هڪ وڏي هائوسنگ اسڪينڊل جي انڪشاف کان پوءِ قائم ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ٻڌايو ويو هو ته اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي نجي هائوسنگ اسڪيمون مبينه طور تي بنا زمين جي 90 هزار کان وڌيڪ جا پلاٽ وڪرو ڪيا ۽ سوين ارب روپيه وصول ڪيا.

تبصرے بند ہیں۔