هڪ سال ۾ ڪهڙيون شيون مهانگيون ٿيون ۽ ڇا سستو ٿيو؟ شماريات کاتي انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا

اسلام آباد:  شماريات کاتي هڪ سال جي دوران عام واهپي جي شين جي قيمتن ۾ ٿيل هيٺ مٿانهين بابت انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن.

انگن اکرن موجب هڪ سال ۾ کنڊ جي قيمت ۾ 16.32 سيڪڙو جو اضافو ٿيو. ملڪ ۾ کنڊ جي في ڪلو قيمت 137.33 روپيه هئي جيڪا هن وقت 158.74 روپيه في ڪلو ٿي وئي آهي. 2025 ۾ کنڊ جي وڌ کان وڌ في ڪلو قيمت 229 روپين تائين ڪري پئي هئي.

هڪ سال ۾ اٽو 22.56 سيڪڙو مهانگو ٿي. هڪ سال اڳ اٽي جي 20 ڪلو ٿيلهي جي قيمت 1794 روپيه 93 پئسا هئي،  جيڪا هن وقت 2199 روپيه 85 روپيه ٿي وئي آهي.

رپورٽ  موجب هڪ سال اڳ زنده برائلر مرغي جي في ڪلو قيمت 409 روپيه 22 پئسا هئي جيڪا هن وقت ملڪ ۾ في ڪلو قيمت 424 روپيه 89 پئسا آهي. گوشت 13.01 سيڪڙو، ڳڙ 12.46 سيڪڙو ۽ ڪيلا 11.24 سيڪڙو مهانگا ٿيا جڏهن ته پيسيل مرچ 10.31 ۽ آنا 9.71 سيڪڙو مهانگا ٿيا.

شماريات کاتي موجب هڪ سال جي دوران کير جو پائوڊر 9.51 سيڪڙو مهانگو ٿيو جڏهن ته گيس چارجز 29.85 سيڪڙو وڌي وئي. ٻارڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ ڪاٺي جي قيمت ۾ هڪ سال دوران 11.02 سيڪڙو جو اضافو ٿيو. 2025 ۾ ننڍي جو گوشت، تازو کير، دهي ۽ گيهه جي قيمتن ۾ به اضافو ٿيو.

انگن اکرن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هڪ سال ۾ ٽماٽا 74.92 ۽ پٽاٽا 49.79 سيڪڙو سستا ٿيا، ٿوم 38.17 سيڪڙو ۽ چڻن جي دال 29.66 سيڪڙو سستي ٿي. بصر 29.23 ۽ چانهه جي پتي 17.79 سيڪڙو سستي ٿي.

شماريات کاتي ٻڌايو آهي ته ماش جي دال 13.14 ۽ مسور جي دال 6.62 سيڪڙو سستي  ٿي هڪ سال ۾ بجلي چارجز ۾ 6.87 سيڪڙو جي گهٽتائي ڪئي وئي.

 

تبصرے بند ہیں۔