سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 1414 نوان ڪورونا جا ڪيس ظاهر

ڪراچي: سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 1414 نوان ڪورونا جا ڪيس ظاهر ۽ 37 مريض فوت ٿي ويا، سنڌ جي وڏي وزير ڪورونا وائرس صورتحال بابت جاري بيان ۾ چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 1414 نوان ڪورونا جا ڪيس ظاهر ٿيا آهن، هن وقت تائين 74070 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 37 ڪورونا مريض فوت ٿيا آهن، وڏي وزير مراد علي شاهه جو وڌيڪ چوڻ آهي ته هن وقت تائين 1161 ڪورونا جا مريض فوت ٿي چڪا آهن، اڄ 1376 مريض صحتياب ٿي گهرن ڏانهن روانا ٿيا آهن، هن وقت 32722 مريض علاج هيٺ آهن، وڏي وزير جو چوڻ آهي ته ڪورونا وائرس جا 136 مريض وينٽيليٽرز تي آهن، هُن چيو ته ماڻهو احتياط نه پيا ڪن، احتياط ڪرڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔