ڪوروناجي بجاءِ حڪومتي وزير هڪ ٻئي سان وڙهي رهيا آهن: شهباز شريف

لاهور: مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ جي بجاءِ وزير هڪ ٻئي سان وڙهي رهيا آهن.

صدر مسلم ليگ(ن) ميان شهباز شريف ٽوئٽ ڪندي چيو آهي ته ڪورونا وائرس  ملڪ ۾ وڏي پيماني  تباهي مچائي رهيو آهي هزارين ماڻهو متاثر ٿي چڪا آهن ۽ سوين مريض فوت به ٿي چڪا آهن.

شهباز شريف چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي حل لاءِ تبديلي سرڪار جو غير سنجيده رويو سامهون اچي چڪو آهي. ڪورونا وائرس  جو حل ڪڍڻ بجاءِ حڪومتي وزير هن وقت هڪ ٻئي سان وڙهي رهيا آهن.

ان سان خبر پئي ٿي ته سياسي مفاد رکندڙ ٽولو گڏ ٿي چڪو آهي جنهن کان پوءِ هاڻ هو ملڪ کي تباهه ڪري رهيا آهن.

هن وڌيڪ چيو ته هن وقت سڄي ملڪ ۾ ڪورونا خطرناڪ صورتحال اختيار ڪندو پيو وڃي جڏهن ته حڪومت جا وزير تڪڙا اپاءُ کڻڻ بجاءِ هڪ ٻئي سان ويڙهه ۾ مصروف آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔