بي اين پي وفاقي حڪومت کان ڌار ٿيڻ جو ڪوبه فيصلو ناهي ڪيو: ڄام ڪمال


ڪوئٽه: بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته بلوچستان عوامي پارٽي طرفان وفاقي حڪومت کان ڌار ٿيڻ جو نه ته ڪو اعلان ڪيو ويو آهي ۽ نه ئي ڪو اهڙو فيصلو ڪيو ويو آهي.

وڏي وزير ڄمال ڪمال خان بلوچستان ڊيلي نيوز پيپر ايڊيٽرز ڪائونسل جي هڪ وفد سان ڳالهيون ڪندي چيو ته وزيراعظم عمران خان کي خبر آهي ته اسان پي ايس ڊي پي جي معاملي تي ڳالهيون ڪنداسين ۽ احتجاج به ڪنداسين. هن چيو ته اسان جو احتجاج صرف پي ايس ڊي پي جي لاءِ آهي ته ڳالهيون به صرف پي ايس ڊي پي تي ئي ٿينديون. اهو نٿو ٿي سگهي ٿي ته اسان احتجاج جي دوران وزارت يا ڪو ٻيو فائدو کڻي چپ ٿي وڃون.

بلوچستان جي وڏي وزير چيو ته وفاقي وزير اسد عمر يقين ڏياريو آهي ته بلوچستان جي منصوبن تي هن سال سيپٽمبر ۾ ٽينڊر ڪيا ويندا. وفاقي ۽ صوبائي اختياريون منصوبن جي اڳڀرائي جي حوالي سان هر مهيني جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس منعقد ڪنديون. هن وڌيڪ چيو ته اين ايف سي ۾ بلوچستان جي حصي کي آئيني تحفظ حاصل آهي اهوئي سبب آهي ته اسان اوور ڊرافٽ جي طرف وڃڻ جي ضرورت ناهي. بجيٽ جي خساري کي پورو ڪرڻ جي لاءِ منصوبه بندي تيار ڪري ورتي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔