آڪٽوبر ۾ ڪورونا جي ڪيسن ۾ واڌ ٿي سگهي ٿي: ڊاڪٽرعذره پيچوهو

ڪراچي:  سنڌ جي صحت واري وزير امڪان ظاهر ڪيو آهي ته آڪٽوبر ۾ ڪورونا جي ڪيسن ۾ واڌ ٿي سگهي ٿي.

رپورٽ موجب ڊاڪٽر عذره فضل پيچوهو خانگي چينل سان ڳالهيون ڪندي چيو ته ٽيسٽنگ جي صلاحيت ۾ واڌ ٿي آهي جڏهن ته آءِ سي يو ۽ هاءِ ڊپيٽڊينسي يونٽ جي انگ ۾ واڌ ڪري رهيا آهيون.

سنڌ جي صحت واري وزير چيو ته علاج جي لاءِ صحت جي شعبي جي بهتري جي لاءِ ڪم ڪري رهي آهيان. خانگي اسپتال ڪورونا وائرس ٽيسٽنگ فيس 8 هزار روپيه وٺي رهي آهي جڏهن ته حڪومت اها ٽيسٽ مفت ۾ ڪري رهي آهي.

صحت واري وزير امڪان ظاهر ڪيو آهي ته آڪٽوبر ۾ ڪروونا جي ڪيسن ۾ واڌ ٿي سگهي ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔