ڪابينا اجلاس ۾ کنڊ انڪوائري ڪميشن جي سفارشن تي عمل جو فيصلو ٿيو: شبلي فراز

اسلام آباد: سڌ سماءَ واري وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته وفاقي ڪابينا اسلام آباد ۾ ٽيچنگ اسپتال جي اڏاوت جي منظوري ڏئي ڇڏي.ڪابينا اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي شبلي فراز چيو ته ڪابينا فيصلو ڪيو آهي ته کنڊ انڪوائري ڪميشن جي سفارشن تي عمل ڪيو ويندو، سفارشن تي عمل سان کنڊ جي اگهه ۾ فرق ايندو، کنڊ جي حوالي سان عمل کي شفاف بڻائڻ ضروري آهي، اجلاس ۾ کنڊ جي اگهه تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو، کنڊ جي اگهن جي حوالي سان نظام ايندڙ ٽن مهينن ۾ مڪمل ٿيندو.هن چيو ته ڪابينا اجلاس ۾ بلوچستان ۾ انٽرنيٽ جي اڻ هوند تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، ڪوشش آهي ته بلوچستان جي عوام کي سموريون سهولتون فراهم ڪيون وڃن.سندس چوڻ هو ته اجلاس ۾ مدرسن ۾ به هڪجهڙو تعليمي نظام آڻڻ تي اتفاق ڪيو ويو، جڏهن ته آن لائن تعليمي نظام کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو، بلوچستان ۾ آن لائن تعليمي نظام لاءِ خاص فنڊ جاري ڪيو پيو وڃي.وفاقي وزير موجب ڪابينا اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪڻڪ جي سمگلنگ روڪڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، اٽي جو اگهه ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ پنجاب کي 9 لک ٽن ڪڻڪ رليز ڪرڻ جو چيو ويو آهي.شبلي فراز چيو ته پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتگين جي شرح گهٽ آهي، ڪورونا وبا تي جلد ضابطو آڻينداسين، ٽيسٽنگ ليبز جو انگ 129 ٿي ويو آهي، ويڪسين اچڻ تائين صورتحال ساڳي ئي رهندي، تنهن ڪري آگسٽ تائين وبا جو خطرو گهڻي حد تائين موجود رهندو، لاڪ ڊائون جو گوڙ ڪندڙن جا اربين رپيا ٻاهر پيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔