وزيراعظم جي فواد چوڌري کي احتياط ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد: وزير اعظم عمران خان وفاقي وزير فواد چوڌري کي سياسي ڳالهه ٻولهه دوران احتياط ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.تفصيل موجب وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري جو اسد عمر ۽ جهانگير ترين بابت بحث ٿيو، منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر جو چوڻ هو ته فواد چوڌري جو بيان انتهائي غير ذميواراڻو هو، هڪ وفاقي وزير کي ڳالهائي خيال ڪرڻ گهرجي ها ته هو ڇا چئي رهيو آهي.ذريعن موجب اجلاس ۾ وزير اعظم عمران خان فواد چوڌري کي اڳتي لاءِ سياسي ڳالهيون ۾ احتياط ڪرڻ جي هدايت ڪئي، ۽ جڏهن فواد چوڌري پنهنجي بيان جي وضاحت ڏيڻ لڳو ته وزير اعظم موضوع ئي تبديل ڪري ڇڏيو.ٻئي پاسي وفاقي وزي فيصل واوڊا ڪابينا ميمبرن تي تنقيد ڪندي چيو ته هتي ڪابينا ۾ سڀ سٺو آهي واري رپورٽ ڏني ويندي آهي، گرائونڊ تي ڪارڪردگي ڪجهه ٻي آهي، اسان پي ٽي آءِ جو نظريو دٻجڻ نٿا ڏئي سگهون، ڪابينا کي گمراهه ڪندڙن جي رپورٽ اسان به رکون ٿا، ذريعن موجب وزير اعظم فيصل واوڊا کي وڌيڪ ڳالهائڻ کان روڪي ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔