وزيراعظم نئين واپاري پاليسي ۾ دير جو نوٽيس ورتو

اسلام آباد : وزيراعظم عمران خان 22 مهينن کانپوءِ به نئين واپاري پاليسي ۾ دير جو نوٽيس وٺي ڇڏيو.موجوده حڪومت کي 22 مهينن جو عرصو گذري چڪو آهي ۽ اها اڃا تائين نئين واپاري پاليسي ناهي آڻي سگهي.. واپار واري وزارت جي ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان نئين 5 سالن جي واپاري پاليسي ۾ دير جو نوٽيس ورتو آهي..ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم واپاري واري وزارت کي پاليسي جون جي آخر تائين منظوري لاءِ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.ذريعن موجب وزيراعظم جي نوٽيس کانپوءِ واپار واري وزارت متحرڪ ٿي وئي آهي، جنهن کانپوءِ نئين واپاري پاليسي هلندڙ هفتي جي آخر تائين اقتصادي رابطا ڪميٽي کي موڪلن جو فيصلو ڪيو ويو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته اي سي سي جي منظوري کانپوءِ پاليسي ڪابينا ۾ پيش ڪئي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔